سنڌي ججز جي لاءِ سپريم ڪورٽ کي نو گو ايريا بڻايو ويو آهي: شرجيل ميمڻ/سعيد غني

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ سعيد غني چيو آهي ته سنڌي ججز جي لاءِ سپريم ڪورٽ کي نو گو ايريا بڻايو ويو، هن وقت ملڪ ۾ جڊيشل مارشل لا لاڳو آهي، ڇا سنڌي جج سپريم ڪورٽ جي لاءِ قبول ڪرڻ جوڳا نه آهن؟ هڪ مائينڊ سيٽ سنڌ کي نشانو بڻائي رهيو آهي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  شرجيل ميمڻ چيو ته چئن دورن ۾ هڪ به سنڌي جج کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر نه ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ته سنڌي ججز سان تعصب وارو اهڙو رويو ڇو؟

هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري، ثاقب نثار، آصف سعيد کوسه ۽ گلزار احمد جي دورن ۾ سنڌ ۽ پيپلزپارٽي سان زيادتيون ٿيون، سنڌين جو ڪيس نه ٻڌو ويو

سعيد غني چيو ته هڪ سينيئر جج آئين جي بالادستي جي ڳالهه ڪري ٿو، ٻيا جج ڪنهن جي عشق ۾ مبتلا نظر اچن ٿا، عدليه ۾ موجود سٺن ماڻهن کي صورتحال جو نوٽيس وٺڻ گهرجي

سعيد غني چيو ته اختيارن جي غلط استعمال سان ملڪ جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔