گم ٿي ويلن جي بازيابي جو ڪيس: پوليس رپورٽون رد، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان جواب طلب

ڪراچي:  سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿي ويلن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران پوليس رپورٽون رد ڪندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان جواب طلب ڪري ورتو.

12 گم ٿي ويلن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. عدالت پوليس رپورٽن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان کي رد ڪري ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله چيو ته پوليس گم ٿي ويلن جي بازيابي ۾ سنجيده نظر نه پئي اچي.  روايتي رپورٽون سنڌ  هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيون پيون وڃن.

عدالت صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن کان جواب طلب ڪري ورتو. گهرو سيڪريٽري کان حراستي مرڪز جي رپورٽ طلب  ڪندي چيف سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪيا ويا.

عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ  جنرل سنڌ کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گم ٿي ويلن جي بازيابي يقيني بنائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔