اسحاق ڊار جي سعودي عرب ۾ نوازشريف سان ملاقات، ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد: ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سعودي عرب ۾ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي موجوده معاشي ۽ سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي.

تفصيل موجب ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سعودي عرب ۾ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف سان ملاقات ڪئي، هن اهم ملاقات ۾ نوازشريف ۽ اسحاق ڊار ملڪ جي موجوده معاشي، سياسي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون. جڏهن ته مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار روضه رسول تي پڻ حاضري ڏني.

اڳوڻي وزيراعظم کي مسجد نبوي ۾ سخت سيڪيورٽي دوران روضه رسول آندو ويو،  جتي ميان نوازشريف نفل ادا ڪيا. ملڪ ۽ قوم جي سلامتي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون. ان کان اڳ نوازشريف، مريم نواز، جنيد صفدر ۽ گهر جي ٻين ماڻهن سان گڏ عمرو ادا ڪيو.

ٻئي طرف ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار سعودي عرب جي دوري تي آهي جتي سندس سعودي اختيارين سان 10 ارب ڊالرز جي آئل ريفائنري ۽ سرمائيڪاري تي ڳالهين جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

باخبر ذريعن موجب ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار عيد کان پوءِ واپس ايندو پر سياسي صورتحال سبب شيڊول ۾ تبديلي جو به امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔