فلم “ڊنڪي” ۾ شاهه رخ خان هڪ ڀيرو ٻيهر آرمي آفيسر جو ڪردار اداد ڪندو

ممبئي: بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان پنهنجي نئين ايندڙ فلم “ڊنڪي” ۾ هڪ ڀيرو وري آرمي آفيسر جو ڪردار ادا ڪندو.
فلم کي شاهه رخ خان ۽ گوري خان جي پروڊڪشن هائوس ريڊ چليز انٽرٽينمينٽ پروڊيوس ڪيو آهي جڏهن ته فلم ۾ تاپسي پنون به مرڪزي ڪردار ڪندي.
فلمساز راج هيراني ۽ شاهه رخ خان پهريون ڀيرو ڪنهن پروجيڪٽ ۾ گڏ ڪم ڪيو آهي، راج هيراني ان کان اڳ بالي ووڊ انڊسٽري کي پي ڪي، منا ڀائي ايم بي بي ايس، ٿري ايڊيئٽس ۽ سنجو جهڙيون بلاڪ بسٽر فلمون ڏئي چڪو آهي.
ڀارتي ميڊيا ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته شاهه رخ خان فلم ۾ هڪ ڀيرو وري آرمي آفيسر جو لباس پهرڻ تي گھڻو خوش آهي ۽ ان يونيفارم جي جهلڪي فلم جي اعلان واري وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿي.
شاهه رخ خان ان کان اڳ فلمن مين هون نان، جب تڪ هي جان ۽ فوجي ۾ آرمي آفيسر جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
ذريعن موجب فلم “ڊنڪي” جي ڪهاڻي اهڙن ماڻهن تي ٻڌل آهي، جيڪي پنهنجي گھرن ڏانهن واپس موٽڻ چاهين ٿا ۽ دنيا جي مختلف خطن کان ٿيندا هندستان پهچن ٿا.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔