ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ بيمار ٿي پيل هاٿي نورجهان جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو

ڪراچي: ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ بيمار ٿي پيل هاٿي نورجهان جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو، نورجهان پنهنجو جسم چورڻ کان اڃا معذور بڻيل آهي

 ڪراچي زو انتظاميا جي دعويٰ آهي ته هاٿيءَ جي طبيعت آهستي آهستي سڌري رهي آهي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ڊاڪٽر سيد سيف الرحمان به چڙيا گهر پهتو

سيف الرحمان هاٿيءَ جو معائنو ڪرڻ بعد چيو ته فورپاز جي ماهرن کي هاٿيءَ جي علاج لاءِ ٻيهر درخواست ڪئي آهي،

سيف الرحمان چيو ته جسماني ڪمزوري سبب نورجهان پنهنجن پيرن تي نه پئي بيهي سگهي، ڪي ايم سي جا ڊاڪٽرز نورجهان جو لاڳيتو علاج ڪري رهيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔