سوڊان ۾ بغاوت ڪندڙ پيرا ملٽري فورس جون فوج سان جهڙپون، 56 ڄڻا مارجي ويا

خرطوم: سوڊان ۾ پيرا ملٽري فورس طرفان بغاوت جي ڪوشش کان پوءِ مختلف شهرن ۾ فوج سان جهڙپون جاري آهن جنهن جي نتيجي ۾ 56 ڄڻا مارجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب سوڊان جي پيرا ملٽري فورس جي سربراهه محمد حمدان دگالو دعويٰ ڪئي آهي ته خرطوم جي ڪيترن ئي سرڪاري هنڌن تي هنن جي گروپ قبضو ڪري ورتو آهي.
ٻي پاسي ملڪ جي فوجي اڳواڻ عبدالفتاح البرهان دگالو جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته فوج سرڪاري هنڌن تي ڪنٽرول برقرار رکيو آهي.
جهڙپن سبب سوڊان جي راڄڌاني خرطوم ۾ شديد فائرنگ ۽ ڌماڪا ٻڌا ويا، فائرنگ خرطوم ۾ سوڊاني آرمي هيڊ ڪوارٽر ۽ بچاءَ واري وزارت جي آفيس ويجهو ٿي.
ميڊيا رپورٽن موجب جهڙپن ۽ بم ڌماڪن سبب 56 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته 590 کان وڌيڪ ماڻهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔