سڄي ملڪ ۾ اڄ شب قدر جي ڳولها

ڪراچي: ليلت القدر رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڪي جي طاق راتين مان هڪ نهايت ئي بابرڪت رات آهي جنهن کي شب قدر ۽ برڪت واري رات جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي .

واضح رهي ته طاق راتين جو انگ 5 آهي ، جن مان ڪائي به رات ليلت القدر ٿي سگهي ٿي ۽ ان رات کي ڳولهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي .

هن رات ۾ عبادت جو ثواب هزار راتين کان بهتر  هوندو آهي . هن رات مسلمان سڄي سڄي رات مسجدن ۾ الله تعاليٰ جي حضور ۾ سجدا ڪرڻ ، نفل پڙهڻ ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ۾ مصروف هوندا آهن۽ رب کان پنهنجي گناهن جي معافي گهرندا آهن .

رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڪي ۾ ڪا به طاق رات شب قدر ٿي سگهي ٿي پر گهڻي ڀاڱي رمضان المبارڪ جي 27 هين رات کي ئي ماڻهو سمجهندا آهن ته اها ڀلاري رات آهي .هن رات کي آخري ڏهاڪي جي طاق راتين ۾ ڳولهيو ويندو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔