پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

سرگوڌا: سرگوڌا ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

علي امين گنڊاپور کي صدر بهکڙ پوليس حوالي ڪيو ويو جنهن کان پوءِ پوليس کيس عدالت مان کڻي روانو ٿي ويو. عدالت بهکڙ پوليس کي 3 ڏينهن دوران جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 18 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن بهکر جي مقامي عدالت علي امين گنڊاپور کي 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو هو.

علي امين گنڊاپور بهکر ۾ داخل ڪيسن لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيو. غيرقانوني هٿيارن جي ڪيس ۾ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ کي ڊسچارج ڪري ڇڏيو جڏهن ته سراءِ مهاجر ۾ داخل ڪيسن ۾ مئجسٽريٽ جي عدالت علي امين گنڊاپور کي 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔