پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس تيزي سان وڌڻ لڳا، ڪيترن مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي

اسلام آباد: پاڪستان جي صحت واري کاتي(اين آءِ ايڇ) چيو آهي ته ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 67 ڪيس رپورٽ ٿيا. جڏهن ته 15 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڇنڇر تي اين آءِ ايڇ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 5 هزار 478 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 67 ڄڻن جا ٽيسٽ مثبت آيا. اهڙي طرح مثبت ڪيسز جي شرح 1.22 سيڪڙو رهي. ان دوران ڪورونا وائرس وگهي هڪ مريض فوت ٿيو. جڏهن ته 15 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪيل ڪورونا ٽيسٽ ۽ مثبت ڪيسز جي حوالي سان لاهور ۾ 325 ماڻهن مان 6 جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ اتي مثبت ڪيسز جي شرح 1.85 سيڪڙو رهي. ڪراچي ۾ 655 ماڻهن ۾ 56 جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ اتي به مثبت ڪيسز جي شرح 8.55 سيڪڙو رهي ۽ اسلام آباد ۾ 404 مان هڪ ٽيسٽ مثبت آيو ۽ شرح هڪ سيڪڙو رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔