آمريڪي پرڏيهي وزير ڏانهن لکيل منهنجي خط کي عمران خان جي حمايت طور نه ڏٺو وڃي: بريڊشرمين

واشنگٽن: آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر بريڊ شرمين چيو آهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ڏانهن لکيل منهنجي خط کي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي حمايت طور نه ڏٺو وڃي.

آمريڪي صحافين سان ڳالهيون ڪندي ڪانگريس جي ميمبر بريڊشرمين چيو ته عمران خان فون تي ٻڌايو ته هو آمريڪا جو مخالف نه آهي. فون تي ڳالهه ٻولهه دوران عمران خان چيو ته هو قانون جي حڪمراني تي يقين رکي ٿو.

بريڊ شرمين چيو ته پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ان وقت جاري ڪيو هو جڏهن منهنجي ۽ عمران خان وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. سوشل ميڊيا تي ماڻهو چئي رهيا آهن ته آمريڪي پرڏيهي وزير بلنڪن ڏانهن لکيل منهنجو خط عمران خان جي حمايت ۾ آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير کي لکيل منهنجي خط کي عمران خان جي حمايت طور نه ڏٺو وڃي.

بريڊ شرمين چيو ته عمران خان پنهنجي حڪومت ڪيرائڻ جو الزام آمريڪا تي لڳايو هو مون عمران خان جي موقف تي تنقيد ڪئي هئي، مون کي لڳي رهيو هو ته اهو سچ نه آهي. عمران خان پنهنجن الزامن جو ڪوبه ثبوت پيش ناهي ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته اهو به چٽو ظاهر ٿي ويو آهي ته عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ ڪانگريس طرفان ڪابه رقم ناهي ڏني وئي. عمران خان جي حڪومت واري دور ۾ به پاڪستان ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ پرڏيهي پاليسي تي تنقيد ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔