آءِ ايم ايف جا سمورا شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن هاڻ معاهدو نه ڪرڻ جو ڪوبه بهانو ناهي: وزيراعظم

لاهور: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جا سمورا شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن هاڻ معاهدو نه ڪرڻ جو ڪوبه بهانو ناهي

لاهور ۾ شاهدرا فلائي اوور رٿا واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جو هڪ ٽٽل ڦٽل معاهدو حڪومت جي جهولي ۾ وڌو ويو جنهن لاءِ اڄ تائين لائنون ڪڍرايون پيون وڃن، اسان وٽ ڪابه چونڊ ناهي ان لاءِ آءِ ايم ايف جا سمورا شرط مڃڻا پئجي ويا آهن

سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جي شرطن ۾ آخري شرط دوست ملڪن کان ڪجهه ارب ڊالر آڻڻ هئي چين 2 مهينا اڳ اندازو لڳائي ورتو هو ته پاڪستان کي ڏکيائن ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي جنهن سبب چين اسان جو 2 ارب ڊالر قرض پوئتي ڪري ڇڏيو

شهباز شريف چيو ته دوست ملڪن سان قرض جي شرط پوري ڪرڻ لاءِ پرڏيهي وزير  بلاول ڀٽو ۽ ناڻي وزير اسحاق دار سان گڏ آرمي چيف جنرل عاصم منير به اهم ڪردار ادا ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔