واٽس ايپ ۾ شاندار وڊيو فيچر اچي ويو

واشنگٽن: واٽس ايپ آءِ او ايس لاءِ بيٽا ورجن 23.7.0.77 ۾ هڪ نئين فيچر جي جهلڪي ڏيکاري آهي جنهن کي “وڊيو ميسيج (پيغام)” جو نالو ڏنو ويو آهي.
ان فيچر سبب اوهان 60 سيڪنڊن تائين جي وڊيو ٺاهي دوستن کي موڪلي سگھو ٿا. پر اڃا اهو فيچر بيٽا ورجن مان گذري رهيو آهي ۽ ان کي ڪجهه ماڻهو ئي استعمال ڪري رهيا آهن. ان جي مڪمل آزمائش ۽ ڊي بگنگ کان پوءِ ئي ان کي سڄي دنيا لاءِ رليز ڪيو ويندو.
جيتوڻيڪ سمارٽ فون ذريعي وڊيو ٺاهي محفوظ ڪري ان کي واٽس ايپ تي دوستن تائين موڪلي سگھجي ٿو. پر هاڻ ان کي وائس ميسيج جيان ئي ايپ تان رڪارڊ ڪري فوري طور تي موڪلي سگھجي ٿو.
واٽس ايپ جون خبرون ڏيندڙ ويب سائيٽ ڊبليو اي بيٽا انفو موجب وديو ميسيجنگ فيچر سمورن پليٽ فارمز لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي. پر ان کي جاري ڪرڻ جي تاريخ سامهون ناهي آئي. پر ان کي تصوير، ايني ميٽڊ گفس، ۽ اسٽيڪر لاءِ به استعمال ڪري سگھجي ٿو. ان کي سڌيءَ ريت وڊيو چيٽ ۾ به استعمال ڪري سگھجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔