اهم دوست ملڪن پاران پاڪستان جي امداد جو اعلان: آءِ ايم ايف  آجيان  ڪري ڇڏي

نيويارڪ : آءِ ايم ايف پاڪستان جي دوست ملڪن پاران امداد وارن اعلانن جي آجيان ڪري ڇڏي آهي، چيف مشن پاڪستان نيٿن پورٽر چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي پاليسي صحيح رستي تي هلي رهي آهي

چيف مشن نيٿن پورٽر چيو آهي ته پاڪستاني وفد ۽ آءِ ايم ايف اسٽاف وچ۾ ٿيل ملاقاتن ۾ مضبوط پاليسين کي برقرار رکڻ تي اتفاق ٿيو آهي

سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف پاڪستاني عملدارن جي انهن ڪوششن جي پڻ حمايت ڪري رهيو آهي ۽ ادارو جلد کان جلد ضروري مالياتي خاطريون حاصل ڪرڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي ته جيئن نائين اقتصادي جائزي جي ڪاميابي لاءِ رستو پيدا ٿي سگهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔