معيشت جي بحالي عام چونڊن کان وڌيڪ آهي، سياسي پارٽين کي ان تي غور ڪرڻو پوندو: آصف زرداري

لاهور: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته چونڊن کان ڪڏهن به انڪار نٿا ڪري سگهون پر پهريان معيشت جي بهتري لاءِ قدم کڻڻا پوندا. معيشت جي بحالي عام چونڊن کان وڌيڪ آهي، سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي ان تي غور ڪرڻو پوندو.

هڪ انٽرويو دوران آصف علي زرداري چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال تمام گهني خراب آهي ۽ هن وقت سمورين پارٽين جي سامهون معيشت جي بحالي سڀني کان وڏو ۽ اهم حدف هجڻ گهرجي.

اڳوڻي صدر چيو ته چونڊن کان انڪاري نه آهيون، صرف تاريخ جو مسئلو آهي، هن وقت حالتون صحيح نه آهن. آءِ ايم ايف ۽ ٻين دوست ملڪن کان پئسا ملڻا آهن ان کان پوءِ صورتحال کي بهتر ڪرڻو آهي.

هن سال آڪٽوبر ۾ عام چونڊون نٿيون ٿي سگهن جي خدشي بابت ڳالهيون ڪندي اڳوڻي صدر چيو ته اهو ممڪن ناهي ته چونڊون نٿيون ٿي سگهن. ڪابه سياسي پارٽي ائين ڪيئن سوچي سگهي ٿي؟ اڳوڻي صدر کان جڏهن پڇيو ويو ته معاشي ايمرجنسي لڳائي چونڊون ملتوي ڪري سگهجن ٿيون؟ ته هن چيو ته  ائين ممڪن نه ٿي سگهندو.

آصف علي زرداري ڪنهن جي نالي کڻڻ کان سواءِ چيو ته مخالفن جا اثرات اڃان به موجود آهن، هو افغانين ۽ بلوچن کي گمراهه ڪري پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ جي منصوبه بندي ڪري رهيا آهن.

اڳوڻي صدر چيو ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان گهڻو مشهور نه آهي. هو ٻارن کي پگهارون ڏئي گمراهه ڪري رهيو آهي، غربت سبب ماڻهو فاقا ڪشي تي مجبور آهن، هو ڇا مون کي دعائون ڏيندا.

ايندڙ چونڊن ۾ سياسي اتحاد بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ آهي ڇو ته اڃان ان بابت ڪوبه فيصلو ناهي ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔