دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين قوم ۽ حڪومت کي گڏيل حڪمت عملي تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي: ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس

راولپنڊي: ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس  ۾ چيو ويو آهي ته فوجي قيادت عوامي حمايت سان آئيني ذميواريون نڀائڻ جا ارادا رکي ٿي.

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ 257هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪستان کي پيش ايندڙ ٻاهرين ۽ اندروني سلامتي جي چيلنجز سميت ملڪي ۽ علائقائي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه جي به توثيق ڪئي وئي ته عسڪري قيادت کي چيلنجز جي مڪمل طور تي خبر آهي ۽ هو پاڪستان جي عوام جي حمايت سان گڏ پنهنجون آئيني ذميواريون نڀائڻ جو ارادو رکي ٿي.

ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ اندروني ۽ بيروني خطرن خلاف قومي رد عمل جي مڪمل حمايت جي لاءِ هٿياربند فوج جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي فورسز مغربي سرحد وارن علائقن ۾ انٽيلجنس جي بنياد تي ڪارروايون ڪري رهي آهي. دهشتگردي جي لعنت کي مستقل بنيادن تي ختم ڪرڻ جي لاءِ سموري قوم ۽ حڪومت کي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔