شهباز نااهل ٿيو ته سنڌ جي ڊوميسائل وارو وزيراعظم ٿي سگهي ٿو: آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته اسان کي چونڊن تي نه، تاريخ تي اعتراض آهي، چونڊن کي آڪٽوبر کان اڳتي وٺي وڃڻ ننڍي سوچ هوندي، سياسي پارٽيون ڊائلاگ ڪري چونڊن جي تاريخ طئه ڪن، سياست ۾ ڳالهين جا در بند نه ڪيا ويندا آهن، ملڪ ۾ هڪ ڏينهن چونڊون ٿيڻ آئيني حق آهي

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته عمران خان ۽ منهنجي ڊوميسائيل ۾ فرق آهي، منهنجو ڊوميسائيل ڪمزور آهي، لڙائي ڀلي پنجاب جي هجي، پر اُن جو اثر سڄي ملڪ تي پئجي رهيو آهي

هن چيو ته رٽائرڊ جنرل باجوه گهرائي چيو هو ته عمران خان استعيفيٰ ڏيندو، توهان چونڊون ڪرايون، مولانا فضل الرحمان ۽ مون انڪار ڪري ڇڏيو هو، اسان کي خبر هئي ته هنن 2035ع تائين رهڻ جو پلان ٺاهيو آهي، اهو پلان ناڪام بڻائڻ لاءِ عمران خان خلاف بي اعتمادي رِٿ آندي

آصف زرداري چيو ته عمران خان تي ڪڍيو آهي، سندس حواري اڃا موجود آهن ۽ اُهي گيم کيڏي رهيا آهن

هڪ انٽرويو ۾ آصف زرداري چيو ته ڇا هاڻي رياست ماءُ جيان ٿي وئي آهي؟ اعتزاز احسن 79 سالن جي عمر ۾ اسان کي ٻڌائين پيو ته رياست ماءُ جيان هوندي آهي؟

آصف زرداري چيو ته اعتزاز احسن ۽ لطيف کوسه سي اي سي جا ميمبر آهن، کين سي اي سي ۾ ڳالهائڻ گهرجي ها، پر هو ٻاهر پنهنجي سوچ ٺاهي رهيا هئا، مون ججز کي رعايتون اِن ڪري ڏنيون ته سٺا جج اچي سٺا فيصلا ڪن، مون کي ڪهڙي خبر ته مونو پولي ٿي ويندي، هينئر عدليه ۾ مونو پولو آهي

اڳوڻي صدر چيو ته چيني ٻوليءَ سيکاريندڙن کي قتل ڪيو پيو وڃي،اها سوچ بلوچن جي ناهي، اسان جي ڪنهن ٻئي دشمن جي آهي، هٿ بلوچ جو هوندو پر سوچ بلوچ جي ناهي، پاڪستان اڳ بچايو هو هاڻي به پاڪستان کي بچائيندس

آصف زرداري چيو ته ڪراچي ۾ گيس ناهي، اسان سڀ سلينڊر تي کاڌا پچائيندا آهيون، سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ اسپتالون ٺاهيون آهن جتي مفت علاج ٿئي ٿو، ڪوشش آهي ته سنڌ ۾ وڌيڪ اسپتالون ٺاهيون، سنڌ جا شڪل تي نه پر ڪم تي ووٽ ڏيندا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔