فجر جي نماز ۾ خيال آيو ته عادل خان کي معاف ڪري ڇڏيان: راکي ساونت

نئين دهلي: بالي ووڊ رقاصه ۽ اداڪارا راکي ساونت چيو آهي ته مون کي فجر جي نماز ۾ خيال آيو ته عادل خان کي معاف ڪري ڇڏيان.
صحافين سان ڳالهائيندي راکي ساونت چيو ته منهنجي طلاق ٿي رهي آهي ۽ اسان آزاد ٿي چڪا آهيون، هاڻ ان کي جنهن سان شادي ڪرڻي آهي ڪري ڇڏي

هن چيو ته اڄ مان فجر جي نماز پڙهي رهي هيس ته منهنجي دل ۾ خيال آيو عادل کي معاف ڪري ڇڏيان، ڇو ته رمضان جو مطلب هوندو آهي ماڻهن کي معاف ڪرڻ.
سندس چوڻ هو مان عادل کي دل سان ته معاف نٿي ڪري سگهان پر دعا ڪيان ٿي ته کيس ضمانت ملي وڃي، مان عادل لاءِ هڪ سٺي گهرواري بڻيس پر هن منهنجي زندگي برباد ڪري ڇڏي، مون کي ان سان محبت ئي نه ڪرڻ گهرجي ها.
راکي چيو ته عادل تي سنگين الزام آهن پر کيس پيغام ڏيڻ چاهيان ٿي ته جيڪڏهن ان کي ضمانت ملي وڃي ته مون وانگر ٻئي ڪنهن جي زندگي برباد نه ڪري پر پاڻ کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ۽ جيڪڏهن عادل شادي ڪري ڇڏي آهي ته ان ڇوڪري سان سٺو هلي.
ياد رهي ته راکي ساونت عادل خان سان 2023ع جي شروعات ۾ شادي ڪئي هئي ۽ اداڪارا اسلام به قبول ڪيو هو، راکي فيبروري ۾ پنهنجي مڙس خلاف دوکيبازي جو ڪيس داخل ڪرايو، جنهن کانپوءِ پوليس عدالت کي گرفتار ڪري ورتو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔