بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ تيز برساتن کانپوءِ ٻوڏ جي صورتحال، 2 ڄڻا فوت

ڪوئٽه: بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ تيز برساتن جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته طوفاني برساتن هڪ دفعو ٻيهر ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي.
ڪوهلو ۾ لاڳيتو 9 ڪلاڪن جي برسات کان پوءِ نيصوبه ڊيم جي اسپيل وي مان پاڻي ٻاهر نڪرڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ ندي نالن ۾ چاڙهه اچي وئي آهي. جڏهن ته شهر ۾ بجلي جي سپلاءِ پڻ معطل آهي

بولان ندي ۾ به چاڙهه جي صورتحال آهي. جڏهن ته عارضي طور تي لڳايل پنجره پل به پاڻي جي تيز وهڪري ۾ لڙهي ويو. سنڌ ۽ بلوچستان کي ملائيندڙ قومي شاهراهه يارو ڪازوي ۽ پنجره پل جا هنڌ به بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٽريفڪ جي رواني به معطل آهي.
ان کان علاوه ڪوئٽه، چمن شاهراهه تي ڪوڙڪ ٽاپ جي مختلف هنڌن تي ٻوڏ وهڪرن سبب ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي رهي آهي. اهڙي صورتحال سبب ٿيندڙ مختلف حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 6 زخمي ٿي پيا.
ٻئي طرف چمن، قلات، سبي، زوب، لورالائي، قلعه عبدالله، زيارت، قلعه سيف الله، مسلم باغ، خانوزئي، ٽوبه اچڪزئي، ٽوبه ڪاڪڙي، برنائي، دکي، شيراني، ڪوهلو ۽ بارکهان ۾ به برسات جو سلسلو جاري آهي.
ڪوهه سليمان جي پهاڙي سلسلي ۾ تيز برساتن سبب ندي نالن ۾ چاڙهه اچي ويو آهي جنهن سبب ڪيترن ئي گهرن کي نقصان پڻ پهتو. جڏهن ته ڇت ڪرڻ سبب 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ان کان علاوه قلعه عبدالله ۾ ندي جي پاڻي ۾ چاڙهه سب هڪ ڄڻو لڙهي فوت ٿي ويو. برنائي ۽ ڪوئٽه جو به زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويو آهي. اتر، اوڀر ۽ اولهه بلوچستان لاڳيتو مغربي سسٽم جي اثر هيٺ آهن.
ليويز ذريعن موجب چمن ۾ روغاني واري علائقي ۾ ڇت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جڏهن ته قلعه عبدالله جي قنديل ندي ۾ هڪ ڄڻو ٻڏي فوت ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔