جسٽس مسرت هلالي پشاور هاءِ ڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس مقرر

اسلام آباد: جسٽس مسرت هلالي پشاور هاءِ ڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس مقرر ٿي وئي.
صدر عارف علوي جسٽس مسرت هلالي جي چيف جسٽس طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي.
قانون واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب جسٽس مسرت هلالي کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو آهي.
جسٽس مسرت هلالي پهرين اپريل 2023ع کان چيف جسٽس طور عهدو سنڀاليندي ۽ مستقل چيف جسٽس جي مقرري تائين ذميواريون نڀائيندي.
جسٽس مسرت هلالي پشاور هاءِ ڪورٽ جي سينئر ترين جج آهي.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي مستقل چيف جسٽس جي مقرري جڊيشل ڪميشن ڪندي.
ياد رهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس قيصر رشيد خان سڀاڻي رٽائر ٿي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔