وزيراعظم پاران جج بابت مبينا آڊيو جي فارينزڪ ڪرائڻ جو مطالبو

وزيراعظم شهباز شريف چيف جسٽس کي جج بابت مبينا آڊيو جي فارينزڪ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي

وزيراعظم چيو آهي ته تازو هڪ آڊيو وسيلي سُپريم ڪورٽ جي جج بابت ڪجهه شيون سامهون آيون آهن، چيف جسٽس کي اپيل ڪريان ٿو ته آڊيو جي فارينزڪ ڪرائي وڃي

وزير اعظم چيو ته آڊيو ڪوڙي هجي ته ذميوارن کي سزا ڏني وڃي، نه ته قوم اڳيان سچ اچڻ گهرجي، آئون پُڇڻ چاهيان ٿو اعليٰ عدليه جي ڪيترن ججز کي ڪرپشن تي ڪڍيو ويو آهي؟

هن چيو ته سياستدانن خلاف ته اکيون بند ڪري ڪيس ٺاهيا ويندا آهن، اهڙي غيرمنصفاڻي نظام ملڪ کي هن دڳ تي پهچايو آهي، ايوان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ٻڪرين جيان ٻاڪارينداسين يا آئيني حڪمراني تي ڪاربند رهنداسين

وزيراعظم ڪابينا جي مشاورت سان فيصلا ڪندو آهي ته ٻيا ادارا ائين ڇو نٿا ڪن، ٻين ادارن کي به ڪابينا جي مشاورت سان فيصلا ڪرڻ گهرجن

 قومي اسيمبلي جي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته ٻن ججز جي اختلافي نوٽ سان اُميد جو ڪرڻو پيدا ٿيو آهي، ٻن ججز جي فيصلي کانپوءِ به قانونسازي نه ڪئي ته تاريخ اسان کي معاف نه ڪندي

هن چيو ته پارليامينٽ کي اختيار آهي ته عوامي مفادن وٽان سمورن معاملن جو فيصلو ڪري، تارازي ۾ توازن ئي جهنگ جي قانون کي ختم ڪري سگهي ٿو

آئين ۽ قانون کي نه مڃيندڙ سان ڳالهيون نٿيون ڪري سگهجن، وزيراعظم شهباز شريف عمران خان اڳيان ڳالهين لاءِ معافي جو شرط رکي ڇڏيو

 پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته عمران خان قوم اڳيان معافي وٺي ته هُن ماضي ۾ ملڪ کي ڌڪ رسايو آهي، اُن کانپوءِ صلاح مشورا ڪري ڳالهين جو طئه ڪنداسين، لاڏلو آئين جا بخيا اڍيڙي رهيو آهي ۽ عدالتن ۾ پيش نٿو ٿئي، پر ڪير به نوٽيس وٺڻ وارو ناهي، لاڏلي کي ضمانت پويان ضمانتون ڏنيون وڃن ٿيون، هاڻي گهڻو ٿي ويو، قانون پنهنجو رستو ٺاهيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔