عمران خان خلاف رڳو اسلام آباد ۾ 29 ڪيس، عدالت ۾ تفصيل جمع

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف اسلام آباد ۾ 29 ڪيس داخل ٿيل آهن، جن جا تفصيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا ويا آهن

اسٽيٽ ڪائونسل جو چوڻ آهي ته پوليس عمران خان خلاف 28 ڪيس داخل ڪيا آهن، ايف آءِ اي ۾ به هڪ ڪيس داخل ٿيل آهي

ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل چيو ته ڪو هڪ ڪيس هجي ته سمجهه ۾ اچي، هتي ته الائي ڪيترا ڪيس داخل ٿيل آهن، جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ته چيو ويندو آهي، پر ڪير به فون ڪال اٽينڊ نٿو ڪري

چيف جسٽس عامر فاروق پوليس کي معاملا ڏسڻ جي هدايت ڪندي عمران خان جي درخواست اُڪلائي ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔