تحريڪ انصاف کي مينار پاڪستان تي جلسي جي اجازت ملي وئي

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف کي 26 مارچ تي مينار پاڪستان تي جلسي جي اجازت ملي وئي. گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ لاهور جي صدر شيخ امتياز مينار پاڪستان تي جلسو ڪرڻ جي اجازت لاءِ ضلعي انتظاميه کي درخواست جمع ڪرائي هئي. جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ کي 26 مارچ تي مينار پاڪستان تي جلسي جي اجازت ملي وئي آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
اجازت نامي موجب جلسي انتظاميه کي اسٽيج، عورتن ۽ سمورن انڪلوزرز جي سيڪيورٽي جي ذميواري هوندي. جلسي ۾ عدليه ۽ ادارن خلاف تقرير جي اجازت نه هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔