ملڪي حالتون اسان سڀني اڳيان آهن، اختلاف ڇڏي ملڪ لاءِ سوچڻو پوندو: چيف جسٽس

ڪوئيٽا: سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته  ملڪي حالتون اسان سڀني اڳيان آهن، اختلاف ڇڏي ملڪ لاءِ سوچڻو پوندو، ملڪ ۾ قانون جي بالادستي هجڻ گهرجي، قانون ۽ عدالتن جي عزت نه ڪئي ويندي ته ڏڦيڙ واري صورتحال پيدا ٿيندي

 سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ڪوئيٽا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته عمارت جي ڪابه حيثيت ناهي هوندي، انصاف جي فراهمي بُنيادي ڪم آهي، دعا آهي ته الله اسان کان آئين ۽ قانون پٽاندڙ فيصلا ڪرائي

چيف جسٽس جو چوڻ هو ته  قومن جي تقدير عدالتي فيصلن سان نه، پر قيادت سان ٺهندي آهي، بلوچستان ۾ ترقي نه ٿيڻ جي ذميواري رڳو رياست مٿان نٿي مڙهي سگهجي، اُن لاءِ هر ماڻهو کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، شهرين کي تحفظ ڏيڻ جي ذميواري رياست مٿان آهي، اسان جي ذميواري آهي ته آئين پٽاندڙ ادارن جو تحفظ ڪريون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔