پي ايس ايل آءِ پي ايل کان وڏي ليگ بڻجي وئي آهي: نجم سيٺي

لاهور: پي سي بي مينجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي دعويٰ ڪئي آهي ته پي ايس ايل آءِ پي ايل کان وڏي ليگ بڻجي وئي آهي

لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ نمائندن سان ڳالهائيندي نجم سيٺي چيو ته ميڊيا ريٽنگ ۾ پي ايس ايل آءِ پي ايل کان وڏي ليگ بڻجي وئي آهي. آءِ پي ايل جي هڪ سئو ٽيهه ڊيجيٽل ريٽنگ رهي آهي، جڏهن ته پي ايس ايل جي هن ڀيري هڪ سئو پنجاهه ڊيجيٽل ريٽنگ آئي آهي جيڪو هن ليگ جي دنيا ۾ مقبوليت جو وڏو ثبوت آهي

هن چيو ته ليگ دوران گڏيل طور تي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽرن آئوٽ رهيو، وڏي انگ ۾ اسٽيڊيم ۾ اچڻ تي شوقينن جا شڪر گذار آهيون، ليگ جي ڪاميابي تي خوش ۽ الله جو شڪر گذار آهيان

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔