ڊجيٽل آدمشماري رد: سنڌ سرڪار جي برطرفي جي گهر، عدليا جي نگراني ۾ عام چونڊون ڪرايو: زين شاهه

ڪراچي :سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو سکر کان پهتل مارچ  احتجاج ۾ تبديل، ڪراچي ۾ ٿيل عام جلسي ۾ شريڪ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته ۲۰۰۸ع کان  سنڌ ۾ راڄ ڪندڙ پيپلزپارٽي جي سنڌ سرڪار کي مالي ۽ انتظامي بدعنواني، سنڌ کي بي اختيار ڪري جاگرافيائي ورهاست جي ڪوشش جي الزام هيٺ برطرف ڪري بدعنوانين جي جاچ لاءِ ساک وارن رٽائر ججن تي مشتمل احتساب ڪميشن جوڙي وڃي

ملڪ مان سياسي ۽ رياستي بحران جي خاتمي لاءِ بايوميٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن ذريعي عدليا جي نگراني ۾ جلد عام چونڊون ڪرايون وڃن، موجوده ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪري، ۲۰۱۷ع جي آدمشماري کي قبول ڪندي آئين مطابق ۱۰ سالن بعد ۲۰۲۷ع ۾ نئين آدم شماري ڪرائي وڃي. ڪالهه سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو لانگ مارچ ڪراچي پريس ڪلب چوڪ پهتو

احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي ايس يو پي جي صدر سيد زين شاهه چيو پاڪستان ٺهڻ کان وٺي سنڌ جي قومي وجود، تاريخي تشخص، قدرتي وسيلن تي قبضي ۽ سنڌ جي حق حڪمراني تي وفاق جي ڪنٽرول جهڙا ڪڌا ڪم ٿيندا رهيا آهن،  ۲۰۰۸ع  کان وٺي پيپلز پارٽي رڳو پنهنجي اقتدار خاطر ظلم ۽ بدانتظامي ذريعي سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي طور تباھي ڪري رھي آهي. سنڌ ۾ هر سال ۶۰۰ کان ۸۰۰ ارب رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي، هن چيو ته خراب حڪمراني سبب سنڌ جو هر ادارو تباھ ٿي چڪو آهي

هر اداري ۾ رشوت ۽ اقربا پروري سبب سماجي خودداري، اخلاقيات ۽ سماجي قدر  ختم ٿي ويا آھن. هن چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي اقتدار  عيوض سنڌ جي حڪمراني جو اختيار توڙي وسيلا آئيني طور سنڌ اسيمبلي ذريعي وفاق حوالي ڪندي رهي آهي، اها  هميشه سنڌ جي مفادن خلاف ئي ڪم ڪندي رهي آهي. هن چيو ته هن وقت  ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري جي ذميوار پڻ پيپلز پارٽي آهي. ۲۰۱۷ع جي آدمشماري جيڪا درست ھئي،  پ پ جي سنڌ سرڪار ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ نتيجا قبول نه ڪندي ٻيهر آدمشماري جي گهر ڪئي، جنهن سبب وقت کان اڳ ڊجيٽل آدمشماري ٿي رهي آهي

هن چيو ته  وفاق سان ملي سنڌ کي هٿرادو ٻوڏ وسيلي ٻوڙايو ته جيئن کين امداد ۾ ٻاهرين ملڪن کان اربين ڊالر  ملي سگهن.  سنڌ جا اندازن ۳۰ لک گهر لڙهي ويا ۽ هڪ کان ڏيڍ ڪروڙ انسان دربدر ٿيا، متاثرن لاءِ عالمي امدادي ادارن توڙي ملڪن کان  مليل امداد به هڙپ ڪئي وئي، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سنڌ ۾ پ پ جي  حڪمراني ختم ٿئي، سنڌ جي مالي توڙي قدرتي وسيلن جي مالڪي صوبي وٽ واپس اچي، سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي آئيني تحفظ هجي، هن چيو ته ستم ظريفي اها آھي ته ھتي ڪيترائي سرڪاري شھيد ٿيا، جڏهن ته عالمي سطح  جي ايماندار ۽ محب وطن اڳواڻن  تي غداري جا الزام هڻي، سازشن ذريعي کين پوئتي ڌڪيو ويو، سائين جي اي سيد کي  32 سالن تائين جيل ۾ وجھي سندس تحريڪ تي پابندي لڳائي وئي، جنهن جو حساب ڏيڻو پوندو، هن چيو ته ڪرپشن وڌائڻ ۾ ڪياني کان باجوا تائين سڀ ملوث آهن

هن چيو ته اسين 2023ع جي اليڪشن جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان وڙهنداسين، جي ڊي اي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته  اڄ لکين سنڌ واسي مطالبو ڪن ٿا ته پ پ جي سنڌ حڪومت فوري طور ختم ڪئي وڃي، جي ڊي اي اڳواڻ اسماعيل شاهه راشدي چيو ته اسان جي وڏن هن ڌرتي لاءِ پنهنجي جان ڏني پر انگريزن آڏو ڪنڌ نه جهڪايو، سنڌ واسي هن ڪرپٽ حڪومت آڏو به آڻ نه مڃيندا ۽ هنن کي گهر ڀيڙو ڪندا، جلسي کي جي ڊي اي اڳواڻ سردار رحيم، ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو، امير آزاد پنهور ۽ ٻين  خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ننڌڻڪا ناهن

اسان سندن مالڪي ڪنداسين، انهي کان اڳ جلسي ۾ قراردادن وسيلي گهر ڪئي وئي ته سنڌ ۾ هٿرادو ٻوڏ جا جاچ ڪرائي، متاثر ماڻهن جي گهرن جي اڏاوت ۽ زرعي زمين جي بحالي  لاءِ عالمي ساک وارن غير سرڪاري ادارن  ذريعي مدد ڪئي وڃي، مالي وسيلن، ٻيٽن، سامونڊي پٽي ۽ زمين بابت سنڌ سرڪار پاران ڪيل فيصلا رد ڪيا وڃن، مهانگائي جي خاتمي لاءِ وي آءِ پي ڪلچر ۽ سرڪاري شاهه خرچين جو خاتمو آندو وڃي،  امير طبقي جي مفادن واريون معاشي پاليسون تبديل ڪري اڻسڌي ٽيڪس کي گهٽائي سڌي ٽيڪس جي شرح ۾ واڌ ڪئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔