اسلام آباد ۾ عمران خان خلاف داخل سمورن ڪيسز جو رڪارڊ طلب

اسلام آباد : اسلام آباد ۾ عمران خان خلاف داخل سمورن ڪيسز جو رڪارڊ طلب، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌُرين کي نوٽيسز جاري ڪندي 27 مارچ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پنهنجي خلاف داخل ڪيسز جا تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي

ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل چيو ته اسلام آباد ۾ سندس اصيل خلاف 47 ڪيس داخل ڪيا ويا، پوليس ڳجهيون ايف آءِ آرز به داخل ڪيون آهن

چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته ايف آءِ آر سيل نه هونديون آهن، شايد توهان کي اِن بابت ڄاڻ ناهي، ايف آءِ آر عوامي دستاويز آهي، اُن کي ڳجهو ناهي رکيو ويندو

چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ڇا توهان اعظم سواتي واري ججمينٽ پڙهي آهي؟ ڪوبه اهڙو قانون ناهي ته ٻڌايو وڃي ڪنهن جي خلاف ڪيس آهي، عمران خان جي وڪيل چيو ته اسان کي تفصيل ڏنا وڃن ته قانوني دڳ وٺنداسين، نوٽيس جاري ٿيڻ بعد ٻڌڻي 27 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔