لاهور پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون روڪي ڇڏيو

لاهور: لاهور پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪريڪ دائون روڪي ڇڏيو.
پوليس ذريعن موجب زمان پارڪ ۾ پوليس تي پيٽرول بم حملن ۽ پٿراءُ ۾ ملوث پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاڪ ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو هو.
پوليس ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي 100 کان وڌيڪ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي فهرست به لاڳاپيل پوليس اسٽيشنز ڏانهن اماڻي وئي هئي. پر رات دير سان پوليس اختيارين وائرليس ميسيج ذريعي ڪريڪ ڊائون روڪڻ جا حڪم جاري ڪيا.
پوليس ذريعن موجب ڪجهه پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن جي رهائي بابت اڃان تائين ڪوبه فيصلو ناهي ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔