عورت جج ڌمڪي ڪيس: عمران خان اڄ پيش نه ٿيو ته سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويندا:جج

اسلام آباد: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس اسلام آباد جي جج ريمارڪس ڏنا آهن ته اڄ جيڪڏهن عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو ته سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويندا.
عمران خان خلاف عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪي ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. سول جج رانا مجاهد رحيم جي عدالت ۾ عمران خان جو وڪيل نعيم پنجوتهه پيش ٿيو

سيڪيورٽي خدشن جي آڌار تي عمران خان طرفان حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي. جج ريمارڪس ڏنا ته اڄ جيڪڏهن عمران خان پيش نه ٿيو ته سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويندا. عدالت ٻڌڻي دوران چيو ته مقرر وقت دوران عمران خان اڄ نه پيش ٿيو ته ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويندا. جنهن کان پوءِ عدالت 12:30 وڳي تائين ٻڌڻي ۾ وقفو ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته عمران خان کي ڪيس جون ڪاپيون ڏيڻ جي لاءِ عدالت اڄ طلب ڪري رکيو آهي. عمران خان خلاف مارگله ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ٿيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔