اي سي سي ڪڻڪ جي قيمت 3900 روپيه في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: اي سي سي ڪڻڪ جي قيمت 3900 روپيه في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ رمضان پيڪيج جي لاءِ 19 شين تي 5 ارب روپيه سبسڊي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي جيڪا يوٽيليٽي اسٽورز جي ذريعي ڏني ويندي.
ان کان علاوه اي سي سي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي قيمت 3900 روپيه في مڻ مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته رمضان پيڪيج جي تحت سبسڊي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ ماڻهن جي لاءِ هوندي جيڪا يوٽيليٽي اسٽورز تي ڏني ويندي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔