ڪابل: افغانستان ۾ بارودي سرنگهه ( آءِ اي ڊي ) جي ڌماڪي ۾ بندش پيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان ( ٽي ٽي پي ) جي اهم ڪمانڊرن سميت 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 15 سخت زخمي آهن.
آءِ اي دي حملي ۾ مارجي ويل ٽي ٽي پي جي ڪمانڊرن ۾ عبدالمنان، عالم خان مده خيل، ڪجير ۽ ٽي اڻڄاتل دهشتگرد شامل آهن.
زخمي دهشتگردن ۾ ٽي ٽي پي جو ڪمانڊر فضل امين، ڪمانڊر محمد عرف طوفان، ڪمانڊر نورپائوخان شامل آهن.
انکانسواءِ فقير الله تروزئي، سَت ڪئي، علي سرخان زبير، هجرت الله، ڪمال، شير افضل، بخت الله، ذبيح الله ۽ ٻه اڻڄاتل دهشتگرد به زخمين ۾ شامل آهن.