اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي تياري شروع ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عام چونڊن جي تياري جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.
پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن ضلعي انتظاميه کي ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسرن، ريٽرننگ آفيسرن لاءِ نالا ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
صوبائي اليڪشن ڪمشنرز ڏانهن به خط لکي چونڊ عملي جي فهرست گهرائي وئي آهي. پولنگ عملي جي تربيت لاءِ 40 ماسٽر ٽرينرز جي فهرست به تيار ڪئي وئي آهي.
ماسٽر ٽرينرز کي چونڊ ڪميشن جا سينئر آفيسر اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ ۾ ٽريننگ ڏيندا. ماسٽر ٽرينرز ٽريننگ حاصل ڪري ڊي آر اوز، آر اوز ۽ اي آر اوز کي تربيت ڏيندا.
چونڊ آفيسرن جي تربيت ٽن کان چئن ڏينهن ۾ مڪمل ڪئي ويندي. آفيسرن جي ٽريننگ کان پوءِ چونڊ عملي جي تربيت جو عمل شروع ڪيو ويندو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔