ڀارتي اداڪاره اروشي روٽيلا پنهنجي سالگره تي 93 لک روپيه خرچ ڪري ڇڏيا

ممبئي: بالي ووڊ جي اداڪاره اروشي روٽيلا پنهنجي عاليشان سالگره تي 93 لک ڀارتي روپيه خرچ ڪري ڇڏيا آهن.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب اروشي روٽيلا 25 فيبروري تي پنهنجي 29هين سالگره پيرس ۾ ملهائي جنهن تي ايندڙ خرچ تاريخ لکي ڇڏي آهي

ڪيڪز ۽ ڊائمنڊ جا ڪيڪ به رکيا. جنهن جون تصويرون هن سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون.
مهانگي سالگره جي هن تقريب ۾ بيليم جي ڦوڪڻن جو استعمال ڪيو ويو، اصلي گلاب جا گل ۽ خوبصورت ميڻ بتيون به رکيون ويون. اداڪاره سالگره جي تقريب لاءِ بليو رنگ جو خوبصورت لباس به تيار ڪرايو جنهن ۾ شيشي جو ڪم ٿيو هو. اروشي سالگره جي تقريب ۾ خوبصورت منڊي به پاتي جڏهن ته سندس واليون به ڪنهن کان گهٽ نه هيون.
اداڪاره جي سالگره جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون ته صارفين طرفان حيرت جو اظهار ڪيو ويو. ياد رهي ته اروشي روٽيلا کي 2022 ۾ حسن جو مقابلو کٽڻ تي تاج پارايو ويو هو جنهن کان پوءِ ڪاميابين جو سلسلو اڃان تائين جاري رکيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔