يوٽيليٽي اسٽورز تي وزيراعظم پيڪيج تحت ملندڙ گيهه 115 روپيه في ڪلو مهانگو ٿي ويو

اسلام آباد: يوٽيليٽي اسٽورز تي وزيراعظم پيڪيج تحت ملندڙ گيهه جي قيمت ۾ 2 مهينن دوران ٻيون ڀيرو واڌ ڪئي وئي آهي.
دستاويزن موجب يوٽيليٽي اسٽورز تي وزيراعظم جي پيڪيج تحت گيهه في ڪلو 115 روپيه مهانگو ٿي ويو آهي، هاڻ سبسڊي وارو گيهه 375 روپين مان وڌي 490 روپيه في ڪلو ٿي ويو آهي.
ان کان اڳ پهرين جنوري 2023 تي گيهه جي قيمت ۾ في ڪلو 75 روپيه واڌ ڪئي وئي هئي، گذريل 2 مهينن دوران وزيراعظم جي پيڪيج تحت گڏيل طور تي 190 روپيه في ڪلو مهانگو ٿي چڪو آهي.
دستاويزن موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا مستحق گيهه جي قيمتن ۾ واڌ کان آجا هوندا، انهن جي لاءِ گيهه جي في ڪلو قيمت 300 روپيه برقرار رهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔