بجلي تي 3 روپيه 82 پئسا في يونٽ سرچارج جي منظوري قانوني راءِ سان مشروط

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) حڪومت طرفان بجلي جي قيمتن ۾ في يونٽ 3 روپيه 82 پئسا سرچارج جي منظوري قانوني راءِ سان مشروط ڪري ڇڏي.
نيپرا ۾ توصيف فاروقي جي سربراهي ۾ حڪومت طرفان بجلي جي قيمتن ۾ 3 روپيه 82 پئسا في يونٽ سرچارج جي منظوري لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ٿي

سرچارج لڳائڻ چاهيون ٿا. سرچارج جي منظوري نه ٿي ته پاور هولڊنگ جو وياج وڌندو.
نيپرا چيئرمين چيو ته اسان طرفان ڪيترائي سوال اٿاريا ويا ته پاور سيڪٽر تباهي طرف وڃي رهيو آهي. ڊسڪوز جي چوري نه روڪي ته لائن لاسز وڌي ويندو، اوهان ان ۾ بهتري بجاءِ ٽيڪسز لڳائي صارفين تي بار وجهي رهيا آهيو، حڪومت پاڻ سرچارج لڳائي سگهي ٿي ته اسان وٽ ڇو آئي آهي؟
توصيف فاروقي چيو ته جن ماڻهن بل ڏنو انهن تي 3.39 پئسا في يونٽ سرچارج لڳي رهيو آهي جنهن ماڻهن بل ڏنو ئي ناهي اهي اڄ کلي رهيا آهن.
نيپرا چيئرمين پڇاڻو ڪيو ته هن سرچارج تي سنجيده نوعيت جا خدشا آهن، ڇا نيپرا وٽ اختيار آهي ته هو درخواست رد ڪري ڇڏي؟ نيپرا پاور هولڊنگ سرچارج جي منظوري قانوني راءِ سان مشروط ڪري ڇڏي.
نيپرا چيئرمين چيو ته ريمارڪس ڏيڻ جو پاور ڊويزن اڳ ان تي قانوني راءِ ڏيندو پوءِ منظوري جو فيصلو ٿيندو. پهريان اهو طئي ٿيندو ته ڇا اسان وٽ رد ڪرڻ يا منظوري جو اختيار آهي. پهريان سرچارج حڪومت پاڻ لاڳو ڪيو آهي جيڪڏهن حڪومت وٽ اهو اختيار آهي ته اها پاڻ استعمال ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔