اسلام آباد جي عدالت امجد شعيب کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: اسلام آباد جي عدالت ادارن کي بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ جي الزام هيٺ گرفتار رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل امجد شعيب خلاف ڪيس ختم ڪندي کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

 جڊيشل ماجسٽريٽ عباس شاهه جي عدالت ضمانت واري درخواست منظور ڪندي ڪيس  ختم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو، امجد شعيب جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته امجد شعيب خلاف ڪنهن به سرڪاري ملازم درخواست نه ڏني آهي

وڪيل جو چوڻ هو ته هن ٽي وي تي جيڪو ڳالهايو ان بنياد تي سندس خلاف ڪيس ٺهي نه ٿو سگهي، سندس خلاف ڪيس ختم ڪري کيس آجو قرار ڏنو وڃي

 امجد شعيب جج کي چيو ته منهنجي ڪنهن به ليڊر سان ملاقات نه ٿي آهي، مان تاريخ بابت ڳالهائيندو آهيان، ڪڏهن به ڪنهن ريلي يا ڌرڻي جي حمايت نه ڪئي آهي، وڪيلن پاران ريلي ڪڍي امجد شعيب سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ عدالت ٻاهران ريلي به ڪڍي وئي

      تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاران به رٽائرڊ جنرل امجد شعيب سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو ، پنهنجي ٽويٽ ۾ عمران خان چيو ته هڪ محبِ وطن پاڪستاني تي بغاوت جو الزام ٿاڦي کيس زندان ۾ وڌو ويو

 ڏوهارين جي هن امپورٽڊ سرڪار ۽ سندس سرپرستن جي هٿان اسان جن پَستين ۾ ڪري چڪا آهيون هڪ پاڪستاني طور انهن کي ڏسي شرم اچي ٿو، عمران خان امجد شعيب جي لاڪ اپ ۾ نماز پڙهڻ واري وائرل تصوير به شيئر ڪئي هئي

 عمران خان چيو ته اقتدار سان چنبڙيل رهڻ واري خواهش جي تڪميل ۽ اختلافي راءِ کي گُهٽو ڏيڻ لاءِ هڪ محب وطن پاڪستاني کي زندان ۾ وڌو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔