اميتاب، امباني ۽ ڌرمندرا جا بنگلا بم ڌماڪي سان اڏائڻ جي ڌمڪي

ممبئي: ممبئي پوليس کي اڻڄاتل شخص طرفان بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار اميتاب بچن، ڌرمندرا ۽ بزنس مين مڪيش امباني جي بنگلن کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪيءَ واري ڪال آئي آهي

ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب اڻڄاتل شخص طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هن ممبئي ۾ اميتاب بچن ۽ ڌرمندرا ۽ بزنس مين مڪيش امباني جي بنگلن ويجهو بم نصب ڪري ڇڏيا آهن گڏوگڏ ئي هن شخص اها به دعويٰ ڪئي آهي ته 25 هٿيار رکندڙ ماڻهو انهن حملن کي انجام ڏيڻ لاءِ ممبئي پهچي ويا آهن

ممبئي پوليس جي هڪ آفيسر ميڊيا کي ٻڌايو ته ناگپور پوليس ڪنٽرول روم کي ڌمڪي واري ڪال آئي هئي، ان ڪال جي فوري پوءِ ناگپور پوليس ممبئي پوليس کي الرٽ ڪري ڇڏيو. آفيسر ٻڌايو ته بم اسڪواڊ جي ٽيم فوري طور تي گهرائي وئي ۽ هنن اميتاب بچن، مڪيش امباني ۽ ڌرميندرا جي بنگلن ۽ ڀرپاسي جي ڳولا ڪئي پر اتي ڪجهه نه مليو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔