سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ پهرين ڊجيٽل آدمشماري شروع

ڪراچي: سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ پهرين ڊجيٽل آدمشماري شروع ٿي وئي آهي، 10 ورهين جي مقرر وقت کان 5 سال اڳ شروع ٿيندڙ آدمشماري هڪ مهيني تائين جاري رهندي

ڊجيٽل آدمشماري تحت هر اسٽرڪچر جي جيو ٽيگنگ ٿيندي، گهرن توڙي ماڻهن جي ڳڻپ جو سمورو رڪارڊ روزاني بنياد تي خودڪار نظام ذريعي محفوظ ڪيو ويندو، گهر گهر پهچندڙ ڳڻپ عملو  پنهنجي ٽيبلٽس ۾ سافٽ ويئر ذريعي سوالن جا جواب داخل ڪندو

 ڪراچي سميت سنڌ جي 30 ضلعن ۾ 43 هزار  838 سينسز بلاڪس قائم ڪيا ويا، سنڌ جون قومپرست جماعتون ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان ڊجيٽل آدمشماري تي خدشا ظاهر ڪري چڪيون آهن

سنڌ ۾ پهرين ئي ڏينهن ڊجيٽل آدمشماري جو عمل رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي، ڪيترن ئي شهرن ۾ عملي پاران سامان ۽ ٻيا وسيلا نه ملڻ جون شڪايتون، اڪثر علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت نه هئڻ يا گهٽ اسپيڊ ۽ سگنلز جي ڪم نه ڪرڻ جون دانهون ڪيون ويون

ميهڙ ۾ آدمشماري عملي کي مختلف علائقن ۾ وڃڻ لاءِ ٽرانسپورٽ نه ملي سگهي، فيض گنج، صالح پٽ ۽ عمرڪوٽ ۾ ڊوائيسز تي سگنل ئي نه اچڻ لڳو، گهوٽڪي، جيڪب آباد ۽ ٻين شهرن ۾ به آدمشماري عملي جا ڊوائيسز بند پيل آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔