پاڪستان کي چين وٽان ستر ڪروڙ ڊالر ملي ويا، ناڻي جي مٽاسٽا ذخيرن ۾ واڌ

ڪراچي: پاڪستان کي چين وٽان ستر ڪروڙ ڊالرز ملي ويا آهن، جنهن بعد مُلڪي مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا ارب ڊالر جي ويجهو پهچي ويا آهن.

اسٽيٽ بئنڪ ذريعن موجب رقم چائنا ڊيولپمينٽ بئنڪ طرفان رول اوور معاهدي کانپوءِ ملي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ معاهدو ٿي چڪو آهي.

ذريعن موجب رقم ملڻ سان پاڪستان جا مٽاسٽا ذخيرا چار ارب ڊالرز جي ويجهو پهچي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔