اسلام آباد: پاڪستان آءِ ايم ايف جو وياج جي شرح وڌائڻ واري شرط تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو.
ناڻي واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان وياج جي شرح ۾ وڌيڪ 2 سيڪڙو تائين وڌائڻ تي آءِ ايم ايف سان اتفاق ڪري ورتو آهي.
ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب پاڪستان سان آءِ ايم ايف جون ڳالهيون رات دير تائين جاري رهيون، آءِ ايم ايف جي هر نقطي جي تفصيل جا جائزو وٺي رهيا آهيون، هاڻي رڳو ٽيڪنيڪي سطح تي ڳالهه ٻول جاري آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته وياج جي شرح ۾ وڌيڪ 2 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو، پاور سيڪٽر معاملي تي تفصيل طئي ڪيا پيا وڃن، ان حوالي سان معاملا طئي ٿيڻ کانپوءِ اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويندو.