مني بجيٽ کانپوءِ عوام لاءِ عذاب، عورتن ۽ ٻارن جي شين سميت هر شيءِ جي اگهن ۾ وڏي واڌ

اسلام آباد: لگزري شين تي سيلز ٽيڪس پنجويهه سيڪڙو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو.

مني بجيٽ جي حوالي سان سامهون ايندڙ ڪاغذن موجب لگزري شين تي سيلز ٽيڪس وڌائڻ سان چئن مهينن ۾ پندرهن ارب رپين جي آمدني ٿيندي.

دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته امپورٽڊ اليڪٽرونڪس شين تي سيلز ٽيڪس پنجويهه سيڪڙو ڪيو پيو وڃي.

عورتن لاءِ امپورٽڊ ميڪ اپ واري سامان تي به سيلز ٽيڪس پنجويهه سيڪڙو هوندي.

جڏهن ته پالتو جانورن جي امپورٽڊ کاڌي خوراڪ تي به سيلز ٽيڪس سترهن سيڪڙو مان وڌائي پنجويهه سيڪڙو ڪئي پئي وڃي.

عورتن جي پرسن، ٿيلهن ۽ بيگن سميت، شيمپو، صابڻ، لوشن ۽ بوٽن تي به سيلز ٽيڪس پنجويهه سيڪڙو ڪيو پيو وڃي.

مردن لاءِ امپورٽڊ ڏاڙهي واري ڪريم، جيل، عينڪن ۽ سينٽُن تي به ساڳئي ئي پنجويهه سيڪڙو ٽيڪس وڌائي پئي وڃي.

انکانپوءِ امپورٽڊ هٿيارن تي به سيلز ٽيڪس سترهن مان وڌائي پنجويهه سيڪڙو ڪئي پئي وڃي.

امپورٽڊ برانڊڊ هيڊ فونز، آئي پوڊز ۽ اسپيڪرز تي به پنجويهه سيڪڙو سيل ٽيڪس هوندي.

گاڏين، انهن جي سامان، امپورٽڊ بسڪوٽن، ڪيڪ، بيڪري واري شين، چاڪليٽ، کٽمٺڙن، دٻي واري ٻارن جي ٻاهرين سامان تي به سيلز ٽيڪس پنجويهه سيڪڙو هوندي.

امپورٽڊ منرل واٽر، انرجي ڊرنڪس ۽ جوسن تي به سيل ٽيڪس پنجويهه سيڪڙو هوندي.

دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته امپورٽڊ دروازن، درين، فرنيچر، ڪاٺ جي شو پيس، ڪارپيٽ، وهاڻن ۽ ٻين شين تي سيلز ٽيڪس پنجويهه سيڪڙو هوندي.

هاڻي باٿروم فٽنگز، ٽائلز، سينيٽري جي سامان، بلبن ۽ فينسي لائيٽن تي به سيلز ٽيڪس پنجويهه سيڪڙو هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔