پراڻي آءِ فون رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

واشنگٽن: آمريڪا ۾ پراڻي آئي فون نه رڳو پنهنجي مالڪياڻي کي ڪروڙ پتي بڻائي ڇڏيو پر وڪري جو نئون رڪارڊ به قائم ڪري ڇڏيو.

آئي فون جي پهرئين ايڊيشن جي مالڪياڻي ان وقت ڪروڙ پتي بڻجي وئي جڏهن هن وٽ موجود آئي فون جي پهرين ايڊيشن جو سيل پيڪ ماڊل 63 هزار 356 آمريڪي ڊالرن ۾ وڪرو ٿيو، جيڪي پاڪستاني هڪ ڪروڙ 64 لک رپيا ٿين ٿا

ميڊيا موجب آمريڪا ۾ 16 سال پراڻو سيل پيڪ آءِ فون رڪارڊ قيمت ۾ نيلام ڪيو ويو آهي.

فون  2 فيبروري تي نيلامي لاءِ رکيو ويو جنهن جي شروعات 2,500 ڊالر هئي ۽ عوام کي 19 فيبروري تائين بوليءَ لاءِ چيو ويو.

ان حوالي سان ميڊيا رپورٽن موجب نيلام گهر ان کي 50 هزار آمريڪي ڊالرن ۾ وڪرو ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔