ڪراچي: سنڌ اسيمبلي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي

پ پ ايم پي اي هير سوهو مادري ٻولي جي عالمي ڏينهن تي سنڌي ٻوليءَ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي متن ۾ چيو ويو ته هي ايوان سنڌي لئنگوينج اٿارٽي کي عالمي ڪانفرنس ڪوٺائڻ تي ڀيٽا پيش ڪري ٿو

ساڳيو ٺهراءُ پ پ ايم پي اي ماروي فصيح به پيش ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته موهن جي دڙو مان پڻ لکت ملي ٿي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پنج هزار سال اڳ به لکت موجود هئي، هن ٺهراءُ وسيلي مطالبو آهي ته سنڌي ٻولي سميت سمورين مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي

هير سوهو چيو ته سنڌي تهذيب پنج هزار سال پراڻي تهذيب آهي، سنڌي ٻولي خوبصورت ٻولي آهي، امڙ به سنڌي ۾ لولي ڏيندي آهي، اسان جو نئون نسل گهرن ۾ سنڌي ٻولي نه ٿو ڳالهائي

صوبائي وزير شهلا رضا چيو ته اسان کي مادري ٻولين تي فخر آهي، متحده ايم پي اي محمد حسين چيو ته هي ٺهراءُ اهم آهي، اسان هن ٺهراءُ جي حمايت ڪيون ٿا

تعليم واري وزير سردار شاهه چيو ته  صوبي ۾ رجسٽرڊ خانگي اسڪولن جو انگ 15 هزار آهي پر اتي سنڌي ٻولي جي استادن کي سنڌي ٻولي سيکارڻ نه ٿي اچي، تعليم کاتو سنڌي ٻولي سيکارڻ جا سينٽر کولي رهيو آهي

هن چيو ته انڊس ويلي جي اسڪرپٽ جي ڀاڃ اڄ تائين نه ٿي سگهي آهي، هي رياست بنگلاديش مان سبق سکي ۽ مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي، قومي اسيمبلي مان هي بل پاس ٿيڻ سان وفاق مضبوط ٿيندو

اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته هي اهم ٺهراءُ آهي پر ڪرسيون سڀ خالي پيل آهن، 72ع ۾ علائقائي ٻولين کي ترجيح ڏيڻي هئي، سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌي ٻولي کي ترجيح ڏيڻ وارو ٺهراءُ مون پيش ڪيو هو، ٻئي ڏينهن اردو اخبارن لکيو ته اردو ڪا جنازه ذرا ڌوم سي نڪلي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔