توشه خانه ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان تي فرد جرم لاڳو نه ٿيو


اسلام آباد: توشه خانا ريفرنس جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، اسلام آباد جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جو وڪيل پيش ٿيو

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان عدالت ۾ اڄ پيش نه ٿيو، عمران خان جي وڪيل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ وڃڻ بعد عمران خان کي ڊاڪٽرز آرام جو مشورو ڏنو آهي

 عدالت اعتراض واريندي چيو ته عمران خان جون رڳو ڇوٽ واريون درخواستون اچي رهيون آهن، ميڊيڪل رپورٽس ڏيکاريو ته ته زخمن جي نوعيت ڏسون، عدالت پاران درخواست منظور ڪندي عمران خان کي 28 فيبروري تي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔