مني بجيٽ: ملڪ ۾ مهانگائي جو وڏو طوفان اچڻ جو خدشو

اسلام آباد: وفاقي سرڪار پاران اڄ قومي اسيمبلي ۾ 170 ارب روپين جي مني بجيٽ پيش ڪئي ويندي، آءِ ايم ايف جي شرطن تحت پيش ٿيندڙ مني بجيٽ جي منظوري سان ملڪ ۾ مهانگائي جو وڏو طوفان اچڻ جو خدشو آهي

ذريعن موجب وفاقي سرڪار سيلز ٽيڪس جي شرح 17 مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سيلز ٽيڪس جي شرح هڪ سيڪڙو وڌائڻ سان عوام تي 50 ارب روپين کان وڌيڪ جو اضافي بار پوندو

 مني بجيٽ جي منظوري سان سگريٽ، آسائش واريون شيون ۽ امپورٽ ٿيندڙ سامان وڌيڪ مهانگو ٿي ويندو، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ فنانس ترميمي بل 2023 پيش ڪندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔