اسد عمر توهينِ اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ معافي وٺي ڇڏي

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر توهينِ اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ معافي وٺي ڇڏي آهي
اليڪشن ڪميشن ۾ عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي
اسد عمر پاران جمع ڪرايل ۾ جواب ۾ چيو ويو ته سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن جو اماڻيل نوٽيس غير قانوني آهي
شوڪاز نوٽيس سيڪريٽري نه پر اليڪشن ڪميشن اماڻي سگهي ٿي، اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي جنهن سان توهينِ اليڪشن ڪميشن جو تاثر ملي، رڳو جائز تنقيد ڪئي آهي
اسد عمر چيو ته اليڪشن ڪميشن کي لڳي ٿو ته مون توهين ڪئي آهي ته ان تي معذرت ڪيان ٿو ۽ پاڻ کي اليڪشن ڪميشن جي رحم ڪرم تي ڇڏيان ٿو
اليڪشن ڪميشن ڪارروائي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔