آڊيو ليڪ معاملو، حڪومت ايف آءِ اي کي شوڪت ترين جي گرفتاري جي اجازت ڏئي ڇڏي

ڪراچي: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته حڪومت اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي گرفتاري جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان ملڪ جي ترقي لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ ڪجهه سياستدان پنهنجي ڪِريل ايجنڊا کي اڳتي وڌائي رهيا آهن، عمران خان ساڍا 3 سال پنهنجي ڪِريل ايجنڊا هلائيندو رهيو، عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو، جنهن تي عمل ڪندي اسان هتي پهتاسين

هن چيو ته شوڪت ترين خلاف انڪوائري مڪمل ٿي وئي آهي ۽ حڪومت کيس گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ايف آءِ اي شوڪت ترين جي گرفتاري جي اجازت گهري هئي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اڳ ۾ اسان ۽ پ پ وارا غلط هئاسين، هڪٻئي خلاف ڳالهائيندا هئاسين، هاڻ ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي آهي، اصل چور عمران خان نيازي آهي.
ياد رهي ته ايف آءِ اي آءِ، ايم ايف ڊيل بابت آڊيو ليڪ جي جاچ کانپوءِ اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ گهرو وزارت کان سندس گرفتاري جي اجازت گهري هئي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔