حڪومت مني بجيٽ لاءِ آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض پروگرام جي بحالي لاءِ اڄ کان آن لائين ڳالهيو شروع ٿينديون.
آن لائين ڳالهين لاءِ 170 ارب جا نوان ٽيڪس لڳائي 200 ارب کان وڌيڪ اضافي لاءِ مني بجيٽ جون تيارين شروع ڪيون ويون آهن. مني بجيت اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي بجاءِ آرڊيننس جي صورت ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
حڪومت پاران بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هاري پيڪج ۽ برآمدي شعبي لا سبسڊي ختم ڪرڻ جي منظوري به ٿي چڪي آهي. ان حوالي سان اڄوڪي ڳالهين ۾ اڳڀرائي بابت آءِ ايم ايف کي آگاهي ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔