اسان عمران جي آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي تي عمل ڪريون پيا: خرم دستگير

اسلام آباد:توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته اسان عمران خان جي آءِ ايم ايف سان طئي ڪيل معاهدي تي عمل ڪري رهيا آهيون، هاڻوڪين حالتن جو ذميوار به عمران خان آهي، عمران خان اپريل 2019 ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو هو

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم دستگير چيو ته فيبروري 2022 واري معاهدي جا بخيا به عمران خان اڊيڙيا هئا

هن چيو ته عمران خان فيبروري 2022 ۾ ئي ٻه وڏيون سبسڊيون ڏنيون هيون، عمران خان جي آءِ ايم ايف سان طئي ڪيل معاهدي تي عمل ڪرڻ کانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو دڳ نه بچيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔