پاڪ نيوي جي انٽرنيشنل ميري ٽائم ايڪسپو ۽ ڪانفرنس

ڪراچي : پاڪ نيوي طرفان ميري ٽائم افيئرز واري وزارت جي سهڪار سان پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس ڪرائي پئي وڃي.

هن نمائش جي افتتاحي تقريب ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ٿي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري تقريب جو خاص مهمان هو، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد نيازي به ان موقعي تي موجود هو.

اڄوڪي تقريب ۾ سول ملٽري، پرڏيهي ۽ مقامي نمائندن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس 10 کان 12 فيبروري تائين ايڪسپو سينٽر ۾ جاري رهندي.

هن نمائش جو مقصد قومي اسٽيڪ هولڊرز ۽ عالمي برادري وچ ۾ پاڪستان جي بليو اڪانامي بابت آگاهي کي هٿي ڏيڻ آهي.

پنهنجي نوعيت جي هن پهرين نمائش ۽ ڪانفرنس ۾ پرڏيهي ۽ مقامي فرمز سميت 130 کان وڌيڪ نمائش ڪندڙن شرڪت ڪئي.

نمائش سان پاڪستان نيوي جي انتظام هيٺ 10 کان 12 فيبروري تائين نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميري ٽائم افيئرز طرفان انٽرنيشنل ميري ٽائم ڪانفرنس به ڪرائي وئي آهي جتي مشهور عالمي ۽ قومي اسڪالرز مقالا پيش ڪندا، ڪانفرنس جو عنوان بليو اڪانامي کي هٿي، ترقي پذير ملڪن لاءِ چيلينجز ۽ موقعا آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔