آءِ ايم ايف سان ڊِيل تحت عوام کي بجليءَ جو وڏو جهٽڪو ڏيڻ وارو ڪم شروع

اسلام آباد: آءِ ايم ايف سان ڊِيل تحت عوام کي بجليءَ جو وڏو جهٽڪو ڏيڻ وارو ڪم شروع ٿي ويو آهي

 وفاقي سرڪار بجليءَ تي سبسڊيز ختم ڪرڻ لاءِ اڳواٽ قدم کڻڻ شروع ڪري ڏنا، مارچ کان شهرين کي بجليءَ جا بل واڌو سرچارج سان گڏ ملندا

 ذريعن موجب مارچ ۾ جاري ٿيندڙ بلن ۾ اضافي سرچارج 3 روپيا 21 پئسا في يونٽ کان 18 روپين تائين لڳايو ويندو، منصوبي تحت بلن ۾ جون مهيني تائين بجليءَ جي قيمت في يونٽ 23 روپيا 39 پئسا ڪئي ويندي

بجليءَ جي بلن تي سرچارج واري رقم گردشي قرض تي وياج جي مد ۾ استعمال ڪئي ويندي

ٽي ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 3 سئو يونٽس کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙن جي بلن ۾ 3 روپيا 21 پئسا في يونٽ سرچارج اوڳاڙيو ويندو

بجليءَ جي اگهن ۾ اهو واڌو سرچارج فيبروري ۽ مارچ جي بلن ذريعي وصول ڪيو ويندو

 ذريعن موجب گذريل جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ منظور ڪيل فيول ايڊجسٽمينٽ 9 روپيا 90 پئسا ۽ 4 روپيا 51 پئسا في يونٽ ايندڙ 6 مهينن دوران اوڳاڙي ويندي

گذريل ڏينهن اقتصادي رابطا ڪميٽي هارين لاءِ بجليءَ جي بلن تي سبسڊي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔